شاهه خواجه

شاهه خواجه: هي مغل گورنرن جي دور ۾ سيوهڻ جو حاڪم هو. شمشير خان ابوزڪ جهانگير بادشاهه جي حڪم ملڻ سان قنڌار روانو ٿيو ۽ سيوهڻ جي حاڪميت پنهنجي هڪ مائٽ شاهه خواجه جي حوالي ڪري کيس سيوهڻ موڪليائين. خاسائي شورن جو ڳوٺ شمشير خان ابوزڪ جي ئي جاگير ۾ هو، خاسائي شورا ڍل ڪونه ڏيندا هئا ۽ حاڪمن جا حڪم مڃڻ جا انڪاري هئا. شاهه خواجه عشاء جي نماز کانپوءِ لشڪر سميت ٻيڙين تي سوار ٿي، پرهه ڦٽيءَ کان اڳ، سن کان ڪوهه کن پرتي، بهڻن واري گھٽ وٽان لهي، منجھند مهل وڃي خاسائي شورن تي ڪڙڪيو انهيءَ چڙهائيءَ ۾ گھربل دائود شوري جا ڪيترائي ماڻهو وڙهندي وڙهندي مارجي ويا ۽ ڪيترائي گرفتار ٿيا، گرفتار ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. انهن عورتن ۾ دائود شوري جي زال به جھلجي آئي. شاهه خواجه قيدين کي سيوهڻ آندو، دائود شوري پنهنجي عزت ۽ ننگ جي ڪري عاجز ٿي، شاهه خواجه وٽ سيوهڻ اچي گرفتاري ڏني. شاهه خواجه جي اهم تمام اها ڪاميابي هئي، انهيءَ کانپوءِ شورا درٻيلي ۾ وڃي گھر اڏي رهيا ۽ دائود شورو به ماٺ ڪري زندگي بسر ڪرڻ لڳو.


لفظ شاهه خواجهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو